SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ويڳاڻپ- جدائي- اڪيلائي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ويڳاڻپ- جدائي- اڪيلائي

Alienation

ايلينيشن

قانوني اصطلاح ۾ هن لفظ جي معنيٰ، ملڪيت ۾ پنهنجو حصو يا حق ڇڏي ڏيڻ آهي، جڏهن ته سياسي اصطلاح ۾ ان جي معنيٰ ٿيندي ته اهي حق، جيڪي کسي نٿا سگهجن يا ڪنهن به جائز طريقي سان واپس و‎ٺي نه ٿا سگهجن. بين الاقوامي تعلقات ۾ جيڪڏهن ڪو مُلڪ ڪن به سببن جي ڪري، علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سرگرميءَ سان حصو نه وٺي يا ڪن طاقتن طرفان کيس اهڙي شرڪت کان ٻاهر رکيو وڃي، ته ان کي به هن اصطلاح ذريعي بيان ڪيو ويندو. ”لاڪربي“ جي جهاز ڪيرائڻ واري معاملي تي عالمي برادريءَ طرفان ليبيا کي اڪيلو ڪرڻ يا آمريڪا طرفان عراق ۽ بوسنيا جي بُحرانن دوران اُتان جي حاڪمن کي اڪيلو ڪرڻ واري حڪمت عملي به هن قسم جي صورتحال کي واضح ڪري ٿي. هن لفظ جو استعمال اسان کي يورپي ڏاهن ڪارل مارڪس، هيگل ۽ ياڪ روسو جي تعليم ۾ ملي ٿو. مارڪس پنهنجي فڪر ۾ پورهيت طبقي جي حقن تي مُوڙي - وندن طرفان لڳندڙ ڌاڙي کي نروار ڪندي چيو آهي، ته اهڙي ڌاڙي جي نتيجي ۾ پورهيت طبقو پنهنجي سرجيل شئيءَ کان لاتعلق بڻجي نفسياتي طور تي ويڳاڻو ٿي وڃي ٿو. سندس اها چوڻي وقت گذرندي اها ڪيفيت پورهيت انقلاب لاءِ پيڙهه جو پٿر بڻجي پئي ٿي


Remember Me Also:

تاريخ

ث. [ع. اَرَخَ = ڏينهن لکڻ < تاريخ] مهيني جو هڪ ڏينهن ، ڏينهن ، روز. مقرر ڪيل ڏينهن. تٿ. خط يا ٻئي ڪنهن به ڪاغذ يا دستاويز تي ڄاڻايل ڏينهن، مهينو يا سال. هڪ واقعي کان ٻئي واقعي تائين مقرر ڪيل مدت. روزانو لکيل احوال. ماضيءَ جي واقعات جي يادداشت. ماضيءَ جي

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal